خليل لاشاري

خليل لاشاري: ڪلهوڙن جي دؤر جي شاعر ميان خليل لاشاري ضلعي گهوٽڪيءَ جي ڳوٺ اسلام لاشاريءَ ۾ جنم ورتو. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ شاعري ڪندو هو. شاعريءَ ۾ سندس لاڙو مجازي عشق ڏانهن هو، جنهن کيس بيقرار ڪري ڇڏيو هو. سدائين سير ۽ سفر ۾ رهيو. ڪافيءَ جو بهترين شاعر هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪافيءَ جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڪجهه ڪا ڳالهه سڻاوان واهه واهه،
سودا سچ ٿيا ٺهه پهه،
ڇاتي دي وچ جهاتي هي، سانون فيض حياتي هي،
لڳي اوڙڪ تي جهنگ وسائي، لڳي ڀڙڪ برهه دي باهه.



لفظ خليل لاشاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو